اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مج??وعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآم?? لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي حڪمت عملي اخ??يا?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، واپار ۽ ڪلي ??عيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اخ??يا??ين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، واپار ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مج??وعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآم?? لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي حڪمت عملي اخ??يا?? ڪن.
ناڻي واري وزير جي ريميٽ تي مجموعي اڳڀرائيءَ جي تعريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ