اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيداري تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 18 ??ون دور منعقد ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان پاران قيادت ڪئي جڏهن ته سوئيڊن پاران سوئيڊن جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جي گلوبل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ نمائندگي ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪا??ي، تعليم ۽ عوام سا?? عوام جا رابطا شامل هئا. سوئيڊن پاران پاڪستان کي سوئيڊن ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي پڻ بحث هيٺ آئي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي هم آهنگي تي اتفاق ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل پرڏيهي سيڪريٽري سا?? پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سا??گرهه ملهائي رهيا آهن.
پاڪستان ۽ سوئيڊن پاران ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار، گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيداري تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا