اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سا?? هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، عالمي برادري کي فلسطينين ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو ح?? ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غزه ۽ رفح ۾ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن ۽ ڏاڍ جي حوالي سا?? خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل 8 مهينن کان اسرائيلي حڪومت غزه ۾ ڏاڍ ۽ بدترين وحشياڻو ظلم ڪري رهي آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته هيستائين اٽڪل 36 هزار فلسطيني مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون شامل آهن، مائرن جا لخت جگر کسجي ويا، نوجوانن ۽ والدين کي شهيد ڪيو ويو، 8 مهينن کانپوءِ به اڄ اسرائيل جي رت جي اُڃ ختم ناهي ٿي، غزه سا?? گڏ رفح ۾ حملا شروع ٿي چڪا آهن، ٻارن سميت بزرگن، مائرن ۽ ڀينرن کي ڏينهن رات شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ هزارين گهر مسمات ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ستم ظريفي اها آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ڪا طاقت اسرائيل کي ان جي ظلمن کان نٿي روڪي سگهي، اتي جيڪا رت جي راند کيڏي پئي وڃي اهو سڀ ڪجهه اڄ تائين نه ڏٺو هو، اسلامي دنيا اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي او آءِ سي ۾ ڀرپور ??وا?? اٿاري رهي آهي، ان حوالي سا?? سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ڀرپور ??وا?? اٿاري رهيو آهي، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻيا ملڪ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسپين، ناروي، آئر??ين?? سميت ي??رپ?? ملڪن جا ٿوراتا آهيون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف فلسطين جي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڀرپور تائيدڪ ئي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آهي، مون ناروي ۽ آئر??ين?? جي وزيراعظم کي پاڻ ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي حڪومت ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين پاران ٿورا ادا ڪيا ڇو ته اهي فلسيني عوام جي لاءِ اٿي بيٺا آهن ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ??وا?? اٿاريو، مون کي يقين آهي ته ان سا?? ٻين ملڪن کي حوصلو ملندو ۽ اهي ان ٽن ي??رپ?? ملڪن وانگر ??وا?? سا?? گڏ پنهنجو ??وا?? ملائيندي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ??وا?? اٿاريندا ۽ ڪوششون ڪندا، دعا آهي ته غزه ۾ جيڪي ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن انهن جو جلد خاتمو ٿئي ۽ فلسطيني عوام جنهن مشڪل ۾ زندگي گذاري رهي آهي انهن جي جلد کان جلد گهرن ۾ آباد ٿيڻ جي لاءِ دعاڳو آهيون ۽ رياست فلسطين جو جلد کان جلد وجود عمل ۾ اچي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ ڀرپور ??وا?? اٿاريندو رهندس، عوام جي سوچ جي عڪاسي ڪندي مطالبو ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي مظلوم قومن کي انهن جو ح?? ڏيارڻ جي لاءِ عالمي طاقتون پنهنجو ڪردا ادا ڪن.
اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس