اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پ??هن??ي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ترجمان چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پ??هن??ي تقدير پاڻ طئي ڪر?? جڪي قانوني حق جي ??وث??ق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پ??هن??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پ??هن??ي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پ??هن??ي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ