اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف و??و قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ ا??و اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ا?? سان سامونڊي شعبي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لا??ِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جهاز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.
جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جهاز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج