اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ا??و منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان ا?? ان بابت بري??نگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل خان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. ا??و منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سان ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. ا??و منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان منصوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان منصوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ