اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پيس اينڊ ڪل??ر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته والاريل ڪشمير جو درد پاڪستان جو درد آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير ٻه جسم هڪ جان وانگر آ??ن، فاشسٽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل پابندي لڳائي ??کي آهي جتي صحافين جو قتلام جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان تصويري نمائش ۽ واڪ جي قيادت دوران ڪيو. مشعال ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته والاريل واديءَ ۾ قابض ڀارت ڪشميرين جي لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. قابض ڀارت والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ج??يوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ج?? قراردادن جي خلاف ورزي ۾ ملوث آهي. آ??ر ۾ سندس چوڻ هو ته پنجاب آرٽس ڪائونسل سدائين والاريل ڪشمير جي اصل تصوير دنيا آڏو رکي آهي. ناهيد منظور جو چوڻ هو ته 75 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. ڀارت جي ظلمن جو هڪ ڪارو باب آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ظلم جي اونداهي هڪ ڏينهن ضرور ختم ٿيندي ۽ آزادي جو سج ضرور اڀرندو.
والاريل ڪشمير جو درد پاڪستان جو درد آهي: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت