اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چ??لي??ج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏ??دڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمران خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متا??ري?? جي مدد ڪرڻ بدران لانگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺ??دڙ فارن ايجنٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمران خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪ??دڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙي??دڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪي??دڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪري.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل