لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ ش??رٽ ٽرم پلاننگ ڪئي ويندي رهي آهي، حڪومت جو رخ صحيح آهي، عثمان بوزدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترقي ڪئي، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته قائداعظم بزنس پارڪ جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چي?? ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته حڪومت جو رخ صحيح آهي اسان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چي?? ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو ه?? ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترقي ڪئي پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چي?? ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چونڊون کٽڻ جي لاءِ ش??رٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.
ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی