اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ڊ??ڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص طور تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوال?? سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي حوال?? سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ صه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب