اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوس??اڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری