اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاناما ليڪس ڪيس ۾ درخواست گذارن طرفان وزيراعظم محمد نواز شريف کي ن??اهل قرار ڏيڻ، شريف خاند??ن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ، مني لانڊرنگ سميت 7 الزام رد ڪري ڇڏيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ايم اين اي دانيال عزيز سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب دوران ڪيو. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي خواهشن جي سمورين درخواستن کي ??د ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف ۽ اس??ن جي پارٽي سرخرو ٿي، اڄ جمعي ڏينهن شڪراني جا نفل ??دا ڪنداسين، پاڪستان ۽ وزيراعظم جي ڪاميابين لاءِ دعائون گهريون وينديون.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔