اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪري دنيا کي حق جي حف??ظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي. وزيراعظم اها ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي ??ي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اسان کي ڪربلا جي ياد ڏيار?? ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ صداقت جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪيو ۽ دنيا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ ب??يادي حق آهي جيڪو دين اسلام جي تعليم جي عين مطابق آهي، حق جي حف??ظت ڪرڻ پنهنجي جان جي حف??ظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي اهو پيغام آهي جيڪو رسول صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اسان کي مل?? ٿو، وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ استقامت جو ڪو به مثال موجود نه آهي، امام عالي مقام جو هي پيغام پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر