رياض-06 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ پهرين عوامي بس جو افت??اح ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده بن طلال بن بدر مملڪت جي سطح تي پهرين هائيڊروجن سان هلندڙ عوامي بس جو تجرباتي افت??اح ڪيو. هائيڊروجن سان هلندڙ بس هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ کان پوءِ 635 ڪلو ميٽرن تائين سفر ڪري سگهي ٿي ان ۾ 45 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. عوامي بس کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس ۾ 45 مسافر سفر ڪري سگهن ٿا. عوامي بس کي دمام شهر ۽ الاحسا جي روٽ تي هلايو ويندو جيڪو 359 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. بس جي تجرباتي افت??اح جي موقعي تي نائب وزير ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪ سر??سز ڊاڪٽر رميح بن محمد الرميح کانسواءِ ٻ??ا اعليٰ عهديدار به موجود هيا. ڪمشنر الاحسا کي هائيڊرجن سان هلندڙ بس جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بس کي چارج ڪرڻ جي حوال?? کان به آگاهه ڪيو ويو. هائيڊروجن بس سان ڪاربن جي اخراج تي به ڪنٽرول ڪري سگهبو. جنهن ??ان ماحولياتي تحفظ کي به يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي ڪمشنر الاحسا مملڪت ۾ پهرين هائيڊروجن بس جي ڪامياب تجرباتي افت??اح کي مملڪت جي ويزن 2030ع بابت هڪ اهم قدم قرار ڏنو.
سعودي عرب ۾ هائيڊروجن سان هلندڙ پهرين عوامي بس جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر