واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ا??ندڙ سالن دوران گهتتائي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي نالي سان ??اري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دوران ??رينٽ تيل جي سراسري قيمت 80 ڊالر في بيرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026ع ۾ 72 ڊالر في بيرل رهڻ جو امڪان ??هي. جيو پوليٽڪل تڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال س??ب تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو خدشو آهي، جڏهن ته رسد ۾ اضافي ۽ ا??تصادي استحڪام کي نظر ۾ رک??دي تيل جي قيمتن ۾ ڊگهي عرصي تائين گهٽتائي جو امڪان ??ه آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي روزانو رسد 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ جو امڪان ??هي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته زرعي جنسن جي قيمتن ۾ استحڪام جي اميد آهي، 2024ع کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان ??هن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي سبب کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، ان ??ي ابتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي جهڙين مصنوعات جون قيمتون بلند رهڻ جو امڪان ??ه آهي. عالمي بئنڪ جي اڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قيمتون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مستحڪم رهڻ جڏهن ته لوهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان ??هي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر