رياض-01 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي مڪه مڪرمه ۾ حلال احمر اٿارٽي رمضان المبارڪ جي شروعاتي ٻن عشرن دوران 29 هزار 427 ڪيس اوڪلائي ڇڏيا آهن .ايجنسي ايس پي اي موجب مڪي مڪرڪه ۾ حلال احمر اٿارٽي پاران جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوڪلايل ڪيسن ۾ وڌيڪ ڪيس صحت ۽ ٽريفڪ حادثن بابت هيا هن چيو ته حلال احمر اٿارٽي وٽ جديد ترين ٽيڪنالوجي سان ليس ايمبولينسز ب?? آهن انکان سواءِ هو مو??ر سائيڪل ، گالف ڪارٽ ، سائيڪلون ۽ سيڪورٽي به استعمال ڪيون ٿا. سعودي حلال احمر اٿارٽي رمضان المبارڪ دوران مسجدالحرام ۾ خ??وصي ايمرجنسي سروسز ۽ 35 کان وڌيڪ ايمبولينس مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 6 مسجد الحرام ۾ جڏهن ته 21 داخلي ۽ اٺ بيروني مرڪز آهن مسجد الحرام ۾ م??ٽر ٽرانسپورٽ لاءِ اٿارٽي 7 ڪرائسز منيجمنٽ وهيڪلز 150 سائيڪلون ، اسڪوٽرون ، 10 مو??ر سائيڪلون ۽ 14 گالف ڪارٽس فراهم ڪيون آهن ان منصوبي جو فوڪس هنگامي صورتحال ۾ فوري طبي امداد ۽ مسجد الحرام ويجهو طبي مرڪز تائين تيز رفتارٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي رمضان جي آخري ڏهن ڏينهن ?? ايمرجنسي ٽيمون وڌيڪ نمازين وارن هنڌن تي خدمتن کي تيز ڪنديون هن چيو ته رمضان شريف جي شروعاتي ٻن عشرن ۾ اٿارٽي مڪه مڪرمه ۾ 21 هزار 444 ، جده ۾ پنج هزار 426 ۽ طائف ۾ ٻه هزار 557 ڪيس رپورٽ ٿيا .
مڪه مڪرمه سعودي حلال احمر رمضان شريف جي شروعاتي ٻن عشرن دوران 29 هزار کان به وڌيڪ ڪيسز اوڪلائي ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم