اسلام آب??د ?? 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته افغانستان هلندڙ سال دوران سفارتي پهچ جي ايجنڊا ۾ هڪ ترجيح رهيو، افغانستان س??ن اسان جي مصروفيتن ۾ واپاري رابطن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي ترجيح ڏني وئي، سال دوران افغانستان س??ن س??حد تي ڪجهه واقعا ٿيا آهن. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريف??گ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن تي پاڪستان جي وڏي ڳڻتي اسان جي ٻطرفي ايجنڊا ۾ سرفهرست رهي. هن چيو ته اسان ترجيحي معاملن تي افغان عملدارن س??ن رابطي ۾ آهيون ۽ واپار، ٽ??انزٽ ٽريڊ، سيڪيورٽي ۽ بارڊر مئنيجمينٽ ۾ تعاون کي وڌائڻ چاهيون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان جي صورتحال تي علائقائي موقف جي مضبوطي سان پيروي جي طور تي افغانستان ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميٽنگز ۽ مڪينزم ۾ شرڪت ڪئي جن جو مقصد نومبر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ ماسڪو فارميٽ ڳالهه ٻولهه ۽ چين، ايران جي پرڏيهي وزيرن جي ٽئين چار ڌريي اجلاس ۾ شرڪت شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وزيرن افغانستان جي قومي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، جولاءِ ۾ قازقستان جي شهر آستانه ۾ پهرين پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي سربراهي ڪانفرنس منعقد ٿي. ترجمان چيو ته آذربائيجان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان س??ن اعليٰ سطحي مصروفيتن دوران توانائي، ٽ??انسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر ۾ علائقائي رابطن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهم مفاهمت طئي ٿيون جڏهن ته اي سي او جي ڏس ۾ انهن ملڪن س??ن اسان جو تعاون پڻ جاري رهندو.
افغانستان هلندڙ سال دوران سفارتي پهچ جي ايجنڊا ۾ هڪ ترجيح رهيو، افغانستان سان اسان جي مصروفيتن ۾ واپاري رابطن ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي ترجيح ڏني وئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil