اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪامپيٽشن ڪم??شن جو دؤرو ڪيو ۽ ڪم??شن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ورتي. پنهن??ي دؤري دوران هن چيو ته مختلف معاشي شعبن ۽ مارڪيٽن مان ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. چيف جسٽس کي درخواست ڪنداسين ته سپريم ڪورٽ ۾ چٽاڀيٽي بابت ڪيسن تي خاص بئنچون جوڙي، جن ڪيسن ۾ حڪومت جو روينيو جو معاملو هجي، ان تي سپريم ڪورٽ معاونت ڪري. هن چيو ته ڪيسن جي پيروي لاءِ چٽاڀيٽي ڪم??شن ملڪ جي بهترين وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪري. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ چٽاڀيٽي ڪم??شن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، مارڪيٽن جي مانيٽرنگ لاءِ جديد فني ۽ ڊيٽا جو استعمال ڪريو. هن چيو ته مارڪيٽ ڊيٽا جو انالسز ۽ مانيٽرنگ ڪري ڪارٽلز کي پڪڙيو وڃي ۽ چٽاڀيٽي ڪم??شن مارڪيٽ ۾ ڳٺجوڙ خلاف جاري انڪوائرين کي مڪمل ڪجي. هن چيو ته سمورا ريگيوليٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي هم آهنگي مان بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا، مارڪيٽن ۾ شفافيت ۽ مقابلي جو ماحول فراهم ڪر?? لاءِ حڪومت ڪم??شن کي هر قسم جي سپورٽ ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته چٽاڀيٽي ڪم??شن کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ لاءِ آٽوميشن ڪئي وڃي ۽ حڪومتي ادارا ڪم??ٽيشن ڪم??شن جي مختلف شعبن جي ريسرچ رپورٽن مان فائدو کڻن. هن وڌيڪ چيو ته پاليسي واضح آهي ته جيڪي ڪاروبار نجي شعبي جي ڪر?? جا آهن، حڪومت ان ۾ شامل نه ٿيندي. چٽاڀيٽي ڪم??شن جي ڪارڪردگي ڪافي بهتر آهي، ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.
معاشي شعبن ۽ مارڪيٽن مان ڪارٽلائزيشن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن: ناڻي وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ