اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي ??زير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزارت سامونڊي معاملن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سامونڊي ۽ بندرگاهن جي قانونن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، 12 ارب روپين جي گڊاڻي پ??اجيڪٽ جو مقصد هڪ ??اح??لياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو. اهڙو اظهار ه?? ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جو شاندار ??ستقبال ڪندي ڪيو. وفاقي ??زير شرڪت ڪندڙن سامهون اهم قدمن ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن تي روشني وڌي جن جو مقصد پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي اڳتي وڌائڻ آهي. ورڪشاپ ۾ پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن، صحافين، پارليامينٽ جي ميمبرن، واپاري برادري ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي وفد جي قيادت ريئر ايڊمرل اظهر محمود، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ڪري رهيو هو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وفاقي ??زير پاڪستان ميري ٽائيم سيڪٽر جي وڌندڙ اهميت ۽ ملڪ جي معاشي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ??ي زور ڀريو. هن ميري ٽائيم ڊومين جي اندر موجود چئلينجن ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۽ عالمي واپاري لاءِ محفوظ ۽ پائيدار ??امونڊي روٽس کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي ??زير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو بحري شعبو خاص طور تي بنيادي ڍانچي جي اهم منصوبن ۽ پاليسي سڌارن ذريعي ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار ??ا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي واپاري رابطن ۾ نمايان ڪردار ??دا ڪرڻ لاءِ تيار ??هي. هن ڪراچي ۽ گوادر وچ ۾ جاري ريل ۽ روڊ ڪنيڪٽويٽي اپ گريڊيشن تي زور ڀريو جيڪو اندروني رابطن کي وڌائڻ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي واپار ??ي حمايت لاءِ آهم آهن. هن ٻڌايو ته 12ا رب روپين جي گڊاڻي پ??اجيڪٽ جو مقصد هڪ ??اح??لياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.
ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي: قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ