اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??ندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهوريه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪي?? بيڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ا??لاس ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ا??مينان جو اظهار ??يو. وزيراعظم جمهوريه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??يو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪي?? بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ا??لاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري تي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهترين انتظ??من ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پاڪستان تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ??يو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو.