اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني زائرين جا مڙهه واپس آڻڻ لاءِ جمعي ڏينهن سي ون ٿر??ي جهاز ايران روانو ٿي ويو. جاري بيان موجب پاڪستان ايئرفورس جو سي ون ٿر??ي جهاز نور خان ايئربيس کان ايران جي لاءِ روانو ٿيو جيڪو جمعي ڏينهن ٽپهر ساڍي 3 وڳي تائين يزد ايئرپور?? ايران پهچندو. پاڪستاني زائرين جا مڙهه ايران مان واپس آندا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ذاتي طور تي پاڻ سڄي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ بدقسمت بس ۾ سوار 51 مسافرن مان 28 پاڪستاني زائرين شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 23 زخمي ٿيا آهن ۽ 14 زائرين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يزد ايران کان لاڙڪاڻي تائين ڊگهي فاصلي ۽ گرم موسم جي ڪري ايران ۾ پاڪستان جي سفير پاڪستاني زائرين جا مڙهه فضائي رستي وسيلي پاڪستان موڪلڻ جي ??فا??ش ڪ??ي هئي، ان حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستاني زائرين مان اڪثر جو تعلق سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي سان آهي.
وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي ايران حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪستاني زائرين جا مڙهه مُلڪ آڻڻ لاءِ خصوصي جهاز ايران روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ