اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دف??ع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دف??ع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفي وا??ار ۽ ٻين منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منص??بي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی