اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي من??وب?? جي تعم??ر ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي پي ايم ٽرمينلز ۽ بورڊ ميمبر اي پي مولر ميئرسڪ ڪيٿ سوينڊسن جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيٿ سوينڊسن ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعم??ر ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان من??وب?? جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا نمائندا به شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ زرعي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي من??وب?? جي تعم??ر ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڪيٿ سوينڊسن پاڪستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جو سفير جيڪب لنلف، و??پا??و، ناڻي، سامونڊي معاملن وارا وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. تجويز ڪيل من??وب?? جي تعمير سان ڪراچي جي بندرگاهه ۾ وڏا ڪارگو جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا. ان من??وب?? سان وچ ايشيائي ملڪن تائين سڄي دنيا مان ڪارگو آساني سان پهچائي سگهبو. اي پي ايم ٽرمينلز لاهور، ترنول ۽ پشاور ۾ پڻ عالمي معيار جي لاجسٽڪس اسٽوريج فيسليٽي تعمير ڪندي. تجويز ڪيل من??وب?? سان پوري دنيا کي پاڪستاني برآمدات تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ان من??وب?? جي ڪري لاجسٽسڪ جي لحاظ کان پاڪستان خطي جو مرڪز بڻجي ويندو. ان من??وب?? سان پاڪستاني مصنوعات جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ جو موقعو پيدا ٿيندو جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.
وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل