اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري ۽ واپاري ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ??ي نئين دور جي شروعات آهي، سعودي سيڙپڪاري ??ان منصوبن جي تڪميل جي پاڻ نگراني ڪندس، عالمي سيڙپڪاري ??ي منصوبن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه آهي، عالمي سيڙپڪاري ??ي منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، سيڙپڪاري ??ورڊ، ايس آءِ ايف سي ۽ لاڳاپيل وزارتون سعودي وفد جي وچ ۾ ڳالهين ۾ طئي ٿيل منصوبن جي تڪميل لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي وفد جي تازي پاڪستان جي دوري ۽ مختلف شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري ??ي حوالي س??ن اعليٰ سطح جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين، احسن اقبال، سالڪ حسين چوڌري، سردار اويس خان لغاري، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبرن بلال اظهر ڪياني، رومينه خورشيد عالم، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احس??ن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مختلف شعبن ۾ سعودي وفد جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ۽ پاڪستان پاران منصوبن جي آڇ جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڳالهين ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي عالمي سپلائي چين ۽ ويليو چين جو حصو بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڳالهين جو حصو رهي جڏهن ته سعودي وفد پاڪستان جي ان حوالي سان تياري ??ي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ??ي لاءِ دوست م??ڪن جي وفدن جي اچڻ کي موجوده حڪومت جي سفارتي محاذ تي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري ۽ واپاري ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ??ي نئين دور جي شروعات آهي، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون ته انهن جي خاص ڌيان جي ڪري پاڪستان سعودي عرب سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ممڪن ٿئي. هن چيو ته سعودي وفد جي پاڪستان جي دوري کي ٻنهي م??ڪن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪارائتي حصيداري ۾ بدلائڻ جي لاءِ تياري ??ي وفاقي وزيرن، ايس آءِ ايف سي ۽ لاڳاپيل آفيسرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي سيڙپڪاري ??ي منصوبن کي پڄاڻي تي پهچائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، فرسوده طريقيڪار ۽ ڳاڙهو ڦيٿو بلڪل نه هلندو. هن هدايت ڪئي ته ان حوالي سان وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سيڙپڪاري ??ورڊ، ايس آءِ ايف سي ۽ لاڳاپيل وزارتون سعودي وفد جي وچ ۾ ڳالهين ۾ طئي ٿيل منصوبن جي تڪميل لاءِ حڪمت عملي جوڙين. هن چيو ته سعودي عرب پاران جلد ناليواري ڪاروباري ??خصيتن تي ٻڌل هڪ وفد جي پاڪستان آمد متوقع آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ايندڙ سعودي عرب جي دوري ??وران سيڙپڪاري ??ي وڌيڪ موقعن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب پراڻا ڀائر ملڪ آهن، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته مون سم??ت پوري قوم خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان سان تعاون ۽ حصيداري ??ي فروغ ۾ گهري ??لچسپي تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سم??ريون لاڳاپيل وزارتون ۽ شعبا انهن منصوبن ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدن سان گڏوگڏ بزنس ٽو بزنس منصوبن تي پڻ خاص ڌيان ڏين ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي ڪاروباري ??رادري کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سعودي سيڙپڪاري ??ي حوالي س??ن اڳڀرائي جو هو پاڻ جائزو وٺندو ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه ڪندو.
پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري ۽ واپاري ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي، سعودي سيڙپڪاري سان منصوبن جي تڪميل جي پاڻ نگراني ڪندس: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری