اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خ??شحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاز?? معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ن??را?? وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پ??گ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. ن??را?? وزيراعظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاز?? معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خ??شحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير ن??را?? وزيراعظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ