اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو، جيڪي قومون تاريخ کان نه سکي سگهيون اهي نقصان کڻنديون آهن. هو ناليواري ليکڪ ڊا??ٽر فاروق عادل جي ڪتاب ”اسان جيڪو وساري ڇڏيو: پاڪستان جي تاريخ جا وڃائجي ويل پنا“ جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جي صدارت سينيٽر عرفان صديقي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪتاب جي مهورتي تقريب تي ڊا??ٽر فاروق عادل کي مبارڪباد ڏني. هن ??يو ته ڊا??ٽر فاروق عادل ??نهنجي ڪتاب ۾ ملڪي تاريخ جي رخن تي روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جي اندر اسان جي گورننس، جمهوريت جي ارتقاءَ، رياست جي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پال??سي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو ذڪر آهي. هن ??يو ته اسان کي تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جو تعين انتهائي ضروري آهي. ڊا??ٽر فاروق عادل ??نهنجي ڪتاب جي ذريعي هڪ اهڙو حسين ۽ خوشگوار لمحو فراهم ڪيو آهي، جتي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو هڪ جڳهه تي ويهي تاريخ جي باري ۾ ڳالهائي سگهن ٿا. اسان کي اهڙي قسم جي ڪلچر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ڪلچر اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هن ??يو ته ڊا??ٽر فاروق عادل ??نهنجي ڪتاب ۾ ملڪ جي بنيادي مسئلن جو ذڪر ڪيو. اسان کي انهن مسئلن تي کلي دل سان ويهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن ??يو ته پاڪستان جي رياستي، نشرياتي اداري ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تقريب کي ڊا??ٽر افتخار عارف، عبدالباسط مجاهد، محبوب ظفر، ڊا??ٽر فاروق عادل، خورشيد نديم سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ کي تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر