ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زردار?? چيو آهي ته اقليتن جي ح??ن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نف??ت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگ??ٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي ح??ن ۽ مفادن جي تحفظ جي ح??الي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زردار?? چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي ح?? ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي ل??ءِ ڪيترائي قدم کنيا. بينظير ڀٽو اقليتن جي ل??ءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زردار?? چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪابينا ۾ به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زردار?? چيو ته غيرمسلمان شهرين جي ح??ن ۽ ڀلائي جي ل??ءِ حوالي سان به پيپلزپارٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي ح??ن جي ح??اظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي ل??ءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ