اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ (اين اي ايس ٽي پي) جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن جو قيام حڪومت، عالمي ڪمپنين ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ڪيو ويو آه??. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جي شروعات تي پاڪ فضائيه جي قيادت کي ساراهيو جيڪو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت سرگرمين جي لاءِ سٺو اشارو آه??. اين اي ايس ٽي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر ڪموڊور ڊاڪٽر لياقت الله پنهنجي بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪ فضائيه ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آه??. هن چيو ته اداري نئين نسل جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽرز قائم ڪيا آه??. هي قومي ۽ تذويراتي اهميت جو منصوبو آه?? ۽ ايڪو سسٽم سان گڏ گهڻ رخا فائدا پڻ فراهم ڪندو. هن چيو ته رڪارڊ وقت ۾ مڪمل ٿيندڙ هي منصوبو ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي ۾ ملڪ جي پاڻڀرائپ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪ فضائيه پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي ??ناح جي ويزن تي عمل پيرا آه??. هن وڌيڪ چيو ته ان منصوبي ۾ ٽي ڪئمپس شامل هئا جن مان پهريون نجي شعبي جي ڪمپنين تي ٻڌل هو، ٻيو سائبر، مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي ڪمپنين تي ٻڌل هو ۽ ٽيون هوائي جهاز، خلائي، سينسر ۽ ايڪسپو سينٽر جي لاءِ هو. ڊاڪٽر لياقت الله چيو ته اين اي ايس ٽي پي جي سمورن حصن کي خصوصي زون قرار ڏنو ويو آه?? ۽ ان سان سبسڊيز، ٽيڪس/ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ڇوٽ سميت ڪيترائي اهم فائدا حاصل ٿيندا، ان کانسواءِ نيٽ ورڪنگ جي بهترين موقعن سان گڏ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته ايئر چيف اڳ ۾ ئي شهر ۽ يونيورسٽي جي سطح تي سهولتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي مرحلي ??ي شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ (اين اي ايس ٽي پي) ايوي ايشن سٽي پاڪستان جو هڪ لازمي حصو آه?? ۽ ايوي ايشن، اسپيس، آءِ ٽي ۽ سائبر جي شعبن ۾ ڊيزائن، تحقيق، ترقي ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري عنصرن جو ايڪو سسٽم فراهم ڪندو. اين اي ايس ٽي پي ملڪ جو پهرين صف جو ادارو آه?? جنهن پاڪستان حڪومت صنعت، تعليمي ادارن ۽ حڪومت پاران گڏيل ڪم جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ان کي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پاڪ فضائيه جي قيادت ۾ اسٽريٽجڪ قومي اهميت جي منصوبي طور منظور ڪيو آه??.
وزيراعظم پاران نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena