پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بوني?? يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽا?? ورهائڻ ۽ فاٽا يونيورسٽي جي افتتاحي ??قريب ۾ بوني?? يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد رحمان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رحمان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽا?? اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽا?? نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽا?? وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽا?? خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽا?? ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽا?? حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اهي ئي ماڻهو ويهندا، رحمان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ ت??ن اٿي رحمان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رحمان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.
وزيراعظم بونير يونيورسٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ