اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙ?? تي خراج عقيدت پيش ڪندي چي?? آهي ته قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس پريس و??گ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد پاڪستان جو اهو بهادر فرزند آهي جنهن جي جرئت، دليري ۽ شجاعت جو اعتراف پاڻ دشمن ڪيو. 17 هزار فٽ جي بلند?? تي ڪلتري واري جڳهه تي ملڪ جي دفاع جو حق مثالي فرض شناسي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي جان پاڪ زمين تي قربان ڪري ڇڏي. هن چي?? ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي نالي وانگر شير بڻجي دشمن کي للڪاريو ۽ ملڪ جي سرحدن تان حملي آور دشمنن ??ي ماري ڀڄايو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي جانبازن سان گڏ دشمنن جي مقابلي ۾ انگ گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ڪيو. وزيراعظم چي?? ته قوم پنهنجي شهيدن جي سدائين ٿورائتي رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي. هن چي?? ته 9 مئ?? تي ڪيپٽن ڪرنل شير خان سميت ٻين شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪري ندامت جي ڪاري تاريخ لکي وئي، نوجوان نسل خاص طور تي پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين، بهادري ۽ انهن جي وطن سان لازوال محبت کان مڪمل آگاهي حاصل ڪري. وزيراعظم چي?? ته 9 مئي جي واقعن سان دنيا خاص طور تي دشمنن کي اهو پيغام ويو ته اسان پنهنجي شهيدن جي عزت نه ٿا ڪريون، جنهن شهيد ملڪ جو دفاع ڪندي جان قربان ڪري ڇڏي ان جي حرمت ۽ ناموس جي حفاظت سڄي قوم ڪندي ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيندي. هن چي?? ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ آهي، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.
قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد سميت پنهنجي سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں