اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي سامونڊي علائقي طرف وڌڻ جي رفتار ۾ 6 کان 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ گهٽتائي آئي جڏهن ته ان جي پکيڙ ۽ شدت جي نوعيت برقرار آه??. ڪيٽيگري ٽي جو طوفان خميس تي رات جو ڪنهن به وقت سنڌ جي ڏکڻ اوڀر جي سامونڊي علائقي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو. ڪراچ??ءَ کي طوفان کان سڌ??ءَ ريت خطرو ناهي، جڏهن ته تيز هوائن ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ ڪراچ??ءَ کان علاوه ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ملير سميت ٻين علائقن ۾ طوفان جا اثر ظاهر ٿيندا. طوفان جي خطري ۾ ورتل علائقن ۾ 82 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو آه?? جن کي محفوظ هنڌن تي اسڪولن ۽ پختين عمارتن ۾ قائم 63 ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آه??، سمورا لاڳاپيل فوجي ۽ سول ادارا هاءِ الرٽ واري صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آه??، عوام کي ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪندي احتياطي تدبيرن جو مشورو ڏنو ويو آه??. موسمياتي تبديل??ءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي صورتحال ۽ ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ڪالهه رٿيل اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته طوفان جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آه?? جنهن سبب ان لينڊ فال ۽ ٽڪراءُ جو وقت تبديل ٿيو آه??، اهڙ??ءَ طرح طوفان جي رُخ ۾ ڪجهه تبديلي آئي آه?? جيتوڻيڪ طوفان خطرن ۾ ورتل بدستور ۽ برقرار آه?? ان مطابق سمورا قدم ڪتب آندا ويندا. هن چيو ته بائپر جوائي جي نوعيت ڪيٽيگري 3 جو شديد انتهائي طوفان آه?? جنهن جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر آه?? جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پچي سگهي ٿي. هن چيو ته طوفان ٺٽي کان 235 ڪلوميٽر، ڪراچ??ءَ کان 230 ڪلوميٽر ۽ ڪيٽي بندر کان 155 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آه?? ۽ جنهن رستي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ان مطابق اڳتي وڌي رهيو آه??. خميس جي رات ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري سامونڊي علائقي سان ٽڪرائجندو. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب ڪراچ??ءَ کان علاوه ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ملير جا علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان آه?? جتي تيز هوائن سان گڏ شديد برسات جو امڪان آه??. طوفان سبب سامونڊي ڇوليون 30 فوٽن تائين پهچي سگهن ٿيون. هن چيو ته طوفان جي اثر هيٺ علائقن خاص ڪري ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۾ تيز هوائن ۽ طوفان هلڻ کان علاوه 300 ملي ميٽر برسات جو امڪان آه?? جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بينظير آباد، سانگهڙ، لسٻيلا ۽ حب ۾ 100 ملي ميٽر برساتون متوقع آه??. وفاقي وزير چيو ته متاثر علائقن مان تقريبن 82 هزار ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آه?? ان مقصد لاءِ 169 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آه?? جن مان 63 ڪيمپون فعال جڏهن ته 106 اسٽينڊ باءِ آه?? جيڪي وڌيڪ نيڪال جي صورت ۾ متاثرن لاءِ رکيا ويا آه??. هن چيو ته حڪومت طوفان کي نظر ۾ رکندي امڪاني صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪر?? رکي آه??. انهن ڪوششن ۾ ملٽري ۽ سول ادارا ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. هن وقت فيلڊ ۾ آرمي جا 1400 اهلڪار، رينجرز جون 16 ڪمپنيون، نيوي جا 303 اهلڪار، پوسٽ گارڊز جون 2 بٽالين مصروف عمل آه?? جڏهن ??ه ضرورت وقت ايئرفورس جون خدمتون پڻ وٺي سگهجن ٿيون. هن چيو ته متاثر کي شيلٽر، خوراڪ، صاف پاڻي ۽ طبي سهولتن جي فراهم??ءَ جو انتظام ڪيو ويو آه??، 87 ميڊيڪل يونٽس فيلڊ ۾ موجود آه??، اهڙ??ءَ طرح متاثر علائقن ۾ بجلي بحال رکڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آه??. طوفان سبب 90 جي ويجهو فيڊر متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۽ سکر مان ٽيڪينڪل ٽيمون طلب ڪيون ويون آه??. متاثر علائقن ۾ مواصلاتي رابطن کي بحال رکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ملي قدم کنيا پيا وڃن. فلائيٽ آپريشنز جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته اُڏامن لاءِ هوا جي دٻاءُ ۽ رفتار جي حد جو تعين ڪيو ويو آه??، ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر ۽ موهن جو دڙو جي هوائي اڏن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آه??. هن چيو ته ننڍن جهازن جي اُڏامن کي معطل ڪيو ويو آه??، جڏهن ته ڪمرشل فلائيٽس جي باري ۾ به ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آه??. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته طوفان جي صورتحال کي لاڳيتو مانيٽر ڪري رهيا آه??ون. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ باقائدگ??ءَ سان رابطه اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مقامي، علائقائي ۽ بين الاقوامي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته طوفان کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن ۾ ضروري سامان، اوزارن جي دستياب??ءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن متاثر علائقن مان نيڪالي ۽ محفوظ هنڌن تي انهن جي منتقل??ءَ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.
بائپر جوائي خميس جي رات ڪنهن به وقت ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو، ڪراچيءَ کي طوفان سان سڌيءَ ريت خطرو ناهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج