اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ها??ينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪڌو فعل اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ هڪ اشتعال انگيز اسلامو فوبڪ نفرت انگيز ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي جارحاڻي ڪاررواين سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتي آهي ۽ ان سان عاليم برادري جي وچ ۾ انتشار پيدا ??ي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميوارين سان اچي ٿي، اسان اهو به مڃون ٿا ته اها حڪومتن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اهڙي ڪڌي ڪاررواين کي روڪين جيڪي مذهبي نفرت ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي ڪڌ مقصدن سان ڪيون وڃن ٿيون. ب??ان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ب??ان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ جيڪا قرارداد منظور ڪئي هئي ان جي پٺ??ان اهو ئي روح ڪارفرما هو. ترجمان پنهنجي ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خدشا ها??ينڊ جي عملدارن تائين پهچايا پيا وڃن، اسان انهن تي زور ڏيون ٿا ته اهي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن جو خيال رکن ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ۽ اسلامو فوبڪ ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ??دم کڻي.
پاڪستان پاران هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں