اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کان محروم رک??دڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اس??ن جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کان محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته ا??ي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خ??تمي بابت وفاقي م??تسب پاران 4 ڀينرن کي وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رک??دي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خ??تمي بابت وفاقي م??تسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.
عورتن کي وراثت کان محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر