سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي ع??ام?? سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا س??وس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي ??هي??.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس