اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وي?? ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي ??وت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي تي صدمي ۽ ڏک جي حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين تان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري ??کيو آهي، واقعي جي تيزي سان جاچ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي قانون موجب عبرت جو نشانو بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني جي دوري ??ي موقعي تي ڪيو.
وزيراعظم چين جي ??اظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وي?? ڌماڪي ۾ چينين جي ??وت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چيو ته پورو پاڪستان چين جي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي ??دايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه وي??نداسين، چين واسين جي زندگي وٺندڙن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائينداسين، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقابل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم چيو ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين جي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به ??کي?? جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به هئا.