اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ شروع ٿيو جنهن جو موضوع اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري آهي. افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وز??ر، غيرملڪي مهمان، نمائندا، پارليامينٽ ميمبر ۽ ميڊيا جا نمائندا پهتا. پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙ نمائندن جي آجيان ڪئي. وز??راعظم عمران خان پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ قومي اسيمبلي جي هال ۾ پهتو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، چ??ني پرڏيهي وز??ر وانگ يي، سعودي عرب جو پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن سعود ا??سعود، اسلامي ترقياتي بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ۽ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي لاءِ چيئرمين نائجيريا جو حسومي مسعود پڻ اسٽيج تي وز??راعظم سان گڏ موجود هئا. افتتاحي سيشن جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ مسلمانن جي صفن ۾ اتحاد ۽ الله تعاليٰ تي پڪو يقين رکڻ جي لاءِ الله تعاليٰ جي حڪمن تي روشني وڌي وئي. سيشن شروع ٿيندي ئي پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ويو. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڏهاڪن جي ڊگهي جدوجهد تي ٻڌل او آءِ سي جي سفر جي مختصر وڊيو ڏيکاري وئي. جمهوريه نائجيريا جي پرڏيهي وز??ر ۽ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي 47 هين اجلاس جي چيئرمين حسومي مسعودو پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ امت کي درپيش چئلينجن تي سيمينارز ۽ ويبنارز منعقد ڪرڻ تي روشني وڌي. پنهنجي تقرير جي پڄاڻي کانپوءِ هن پاڪستان جي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي کي 48 هين اجلاس جي صدارت باضابط?? طور تي ڏيڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وز??ر پنهنجي تقرير ۾ ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان السعود پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. سعودي پرڏيهي افغانستان ۾ امن جي لاءِ ۽ افغانستان ۾ المناڪ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي ڪردار تي روشني وڌي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته يوڪرين ۽ روس جي بحران سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي معيشت تي سنگين اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي دنيا جي آبادي جو 28 سيڪڙو آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو هڪ وڊيو پيغام هلايو ويو جنهن ۾ هن مسلمان دنيا تي امن ۽ انسانيت جي ترقي لاءِ اتحاد ۽ هم اهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. قازقستان جي پرڏيهي وز??ر علائقائي گروپن پاران بيان ڏنو. تيونس جي پرڏيهي وز??ر عثمان جيراندي عرب گروپ پاران هڪ لڳي 6 منٽن تي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي ۽ پرتشدد ا??تهاپسندي گڏيل دشمن آهن، جيڪي مسلمان ملڪن کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پرامن رهڻ جي منصفاڻي مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو افتتاحي سيشن
مضمون کا ماخذ : گرم گرم