اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر عل?? خان جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر عل?? خان ٽر??ٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر عل?? خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي مولانا ظفر عل?? خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صدر کي مولانا ظفر عل?? خان ميموريل ٽر??ٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽر??ٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽر??ٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي مولانا ظفر عل?? خان مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽر??ٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.
معاشري ۾ مثبت تبديلي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي صحافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل