ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثم??نه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، شاگرد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌيان ڏين ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، ??قر?? يونيورسٽي جي انتظاميه عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??قر??يونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسماني تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثم??نه عارف علوي پوسٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ ??قر?? يونيورسٽي جي انتظاميه کي ساراهيو. هن چيو ته شاگردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جي پوسٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته اهي شاگردن ۾ جسماني تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پيد?? ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شاگردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. بيگم ثم??نه عارف علوي ??قر?? يونيورسٽي جي شاگردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين صحت برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پيد?? ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثم??نه عارف علوي چيو ته معذور ٻارن کي به اسان سڀني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي گذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته ??قر?? يونيورسٽي جي انتظاميه عوام ۾ آگاهي پيد?? ڪرڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته علائقن ۾ به صحت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ به ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ورتو ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ورتي، ان موقعي تي ??قر?? يونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثم??نه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثم??نه عارف علوي پوسٽر مقابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.
حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي: خاتون اول بيگم ثمينه عارف
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج