اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) ويراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري ز??ين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل ز??ين تي ٻيلا لڳايا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ملڪ ا??ين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، ايف بي آر چيئرمين، سرويئر جنرل آف پاڪستان، نئ??ن پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سرويئر جنرل آف پاڪستان جي اجلاس کي ملڪ ۾ جاري ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ز??ين جي 88 سيڪڙو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي. اڃا تائين مڪمل ميپنگ سان هزارين ايڪڙ سرڪاري ز??ين تي ناجائز قبضن جي نشاندهي ٿي آهي. انهن قبضن جي ماليت کربين رپيا بڻجي ٿي. ڪيڊسٽرل ميپنگ سان سرڪاري ز??ين ۽ ملڪيت ڊيجيٽل رڪارڊ جو حصو بڻجي وينديُون. سڀ کان وڌيڪ ناجائز قبضا ٻيلن جي ز??ين تي ڪيا ??يا آهن. واپڊا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، سول ايوي ايشن ۽ ريلوي جي زمينن تي پڻ ناجائز قبضا قائم ڪيا ??يا آهن. اڳئين مرحلي ۾ پرائيويٽ ز??ين جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل صوبائي حڪومتن جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم سروي آف پاڪستان جي ڪيڊسٽرل ميپنگ تي اط??ينان جو اظهار ڪندي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته سرڪاري ز??ين تي ناجائز قبضن کي خالي ڪرايو وڃي. صوبائي حڪومتون ناجائز قبضن جي لاءِ قانونسازي جي عمل کي جلد مڪمل ڪن ۽ سمورا صوبا ڪيڊسٽرل ميپنگ جي ڊيٽا جي سروي آف پاڪستان سان ٻن مهينن ۾ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي ناجائز قبضن جي خلاف التوا هيٺ ڪيسن جي موثر پيروي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ناجائز قبضن کي ختم ڪري آزاد ڪرايل ز??ين تي ٻيلا پوکڻ جو منصوبو ٺاهيو وڃي.
سرڪاري زمين تي قبضا ختم ڪرائي آزاد ڪرايل زمين تي ٻيلا لڳايا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری