اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڏکڻ آفريقا جي رانديگر هرشبل گبز تي ڪشمير ليگ کان پاسو اختيار ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳا??هائيندي هن چيو ته ڪرڪيٽ کي سياست جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو عمل نريندر مودي اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته ??رشل گبز تي پابندي جي لاءِ دٻاءُ وج??ڻ سان ڪشمير جي تحريڪ کي ڪو نقصان نه پهچندو پر فائدو ئي ٿيندو. هن چيو ته ??نهنجي غيرمنطقي سياسي مقصدن جي لاءِ عالمي رانديگرن کي روڪي هي پنهنجو ئي نقصان ڪندا. هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا لکين شوقين آهن، ڪرڪيٽ کي سياست کان جدا رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير ليگ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، ماڻهو ان کي ڏسڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات