جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير ??هزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي عرب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان 500 مل??ن ڊالر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي عرب ک?? ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوندي، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير ??ده ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی