اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنجاب ۾ صحت سميت ٻين شعبن کي نظرانداز ??رڻ تي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي تازي ڪرونا جي وبا تي اسپتالن سميت صحت جي ادارن جي کوٽ سبب سهولتون حاصل ??رڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي ??رو??رام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻو وڏو وزير شهباز شريف ملڪ ۾ موذي وبا جو فائدو کڻندي پاڻ کي سياست ۾ زندهه رکڻ جي لا??ِ قوم کي گمراهه ??رڻ ۽ چالون هلڻ کان پاسو ڪري، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي قومي ناڻي کي ڦرڻ ۽ صحت سميت ٻين ادارن کي تباهه ??رڻ جي حوالي سان نيب جي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل