اسلام آباد – 22 ??ار?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا جي تجربي ما?? فائدو کڻي سگهي ٿو، 30 سالن کان اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان پنهنجي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو جيڪو اقتصادي ترقي جي لاءِ ضروري آهي، ان جو ثمر ايندڙ سالن ۾ ملندو، اسلام فوبيا جي خلاف مسلمان امت پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قيادت طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي ما?? ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسان ملائيشيا کان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر