رياض-17 اپريل (اي پي پي ) خادم الحرمين الش??يف??ن شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ سلطنت عمان جي فرمانروا ه??ثم بن طارق سان سندس ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت، ??مدردي ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام موڪليو. ايس پي اي موجب خادم الحرمين الش??يف??ن پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب سلطنت عمان ۾ شهرين جي جاني نقصان کي افسوسناڪ خبر ملي اسان کي ان قدرتي سانحي تي ڏک آهي. اسان مشڪل وقت ۾ سلطنت عمان جي حڪومت ۽ برادر عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ٻئي پاسي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز به عمان جي سلطان هيثم بن طارق کي برسات سبب متاثرن لاءِ تعزيت ۽ همدردي جو پيغام موڪليو . هن ان قدرتي سانحي جي متاثرين سان دلي ه??دردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي ۽ گم ٿيل شهرين جي خيريت سان واپسي جي دعا ڪئي. واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سلطنت عمان ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهون اجل جو شڪار ۽ گم ٿي ويا ه??ا .
سعودي عرب جي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوتگين تي عمان جي فرمانروا سان تعزيت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری