بيجنگ-15 مارچ (اي پي پي) اتر چين جي صوبي شانزي ۾ ڪوئلي جي کا?? جي زير زمين گودام ۾ ڦاٿل سمورن 7 پورهيتن جي فوتگي جي تصد??ق ڪئي وئي آهي. جمعي ڏينهن مق??مي عملدارن موجب ڪوئلي جي صنعتي ڪارپوريشن جي ڪوئلي جي ڪيتايان زنگلانگ نالي کاڻ ۾ ريسڪيو آپريشن ختم ڪيو ويو. زانگيانگ ڪانٽي جي انتظاميه موجب کاڻ مان آخري لاش جمعي جي صبح تقريبن ساڍا 6 وڳي ڪڍيو ويو. کا?? جي سربراهه ٻڌايو ته زير زمين گودام ۾ حادثو گذريل سومر جي رات جو ان وقت پيش آيو جڏهن پورهيت ڪوئلي جي خراب فيڊر جي مرمت ڪري رهيا هئا، ??ن وقت اتي 7 پورهيت موجود هئا جڏهن ته ڪوئلي جو زير زمين گودام ڪرڻ سبب پاڻي جي لائين ڦاٽ?? پئي ۽ حادثي واري هنڌ پاڻي ڀرجي ويو جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي درپيش رهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل