مڪو شريف – 04 جنوري (ا?? پي پي) سعودي عر?? جي سياحت واري وزارت جي جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مد??نه منوره ۾ سياحن کي مقرر سهولتون فراهم نه ڪرڻ تي 330 هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمينٽس کي بند ڪري ڇڏيو آ??ي. ??عودي اخبار 24 مطابق سياحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جاچ ٽيمن مڪه مڪرمه ۽ مد??نه منوره ۾ هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمنٽس جا 4 هزار کان وڌيڪ جاچ دورا ڪيا. جاچ ٽيمن 2 هزار کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون. ضابطي جي ڪاروائي ڪندي نوٽس جاري ڪيا ويا جڏهن ته سنگين ڀڃڪڙين تي هوٽلن کي بند ڪيو ويو. مڪه مڪرمه ۾ 280 جڏهن ته مد??نه منوره ۾ 50 کان وڌيڪ هوٽلن ۽ اپارٽمنٽس کي بند ڪيو ويو. انتظاميا کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ڀڃڪڙيون ختم ڪرڻ کانسواءِ هوٽلن کي کولي نٿو سگهجي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔