ڪراچي – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ممنون حس??ن چيو آهي ته قومي ترقي جي لاءِ عورتن جي تعليم لازمي آهي، شاگرد پنهن??ي دلچسپي جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪن، ڪجه?? گمراهه عنصرن بدامني پيدا ڪري ڪراچي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو پر حڪومت جي صحيح حڪمت عملي ۽ وقت سر قدمن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ امن بحال ٿيو، هاڻي هن شهر ۽ پاڪستان جي ترقي جو ??ستو ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ملڪ صحيح رخ ۾ آهي، حڪومت جي ڪارڪردگي سان بهتري پيدا ٿي. صدر اها ڳالهه مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي قائم ڪيل خاتون پاڪستان گرلز اسڪول ??ي دوري جي موقعي تي چئي جتي کيس اسڪول ۾ جاري تدريسي عمل ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ جي سلسلي ۾ زندگي ٽرسٽ جي خدمتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا