ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪست??ن ۽ نا??وي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته نا??وي جي وزيراعظم پاڪس??ان جي معاشي ترقي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف نا??وي جي پنهنجي هم منصب ارنا سولبرگ سان ملاقات ??ئي. وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان ناروي سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جولائي 2015ع ۾ پنهنجي نا??وي جي مثبت دوري، سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ساڻس ملاقات جو به نواز شريف حوالو ڏنو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم