گڏيل قو??ون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سعودي خابرو اداري موجب هن گذريل ڏينهن ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ جي شروعات ڪندي چيو ته وڌندڙ غير معمولي موسمي حالتن ۽ عالمي گرمي پد باوجود گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنيون شاندار منافعو ڪمائينديون آ??ن. ??ن چيو ته ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ ڪو معمولي فورم ناهي، ان ۾ رهنما يا ڪابينا جا وزير مخصوص قدمن جو اعلان ڪندا جيڪي پئرس جي معاهدي تحت ان جي واعدن کي پورو ڪن ٿا. هن هلندڙ سال گرمي پد ۾ خوفناڪ حد تائين اضافي ۽ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مستقبل اوهان جهڙن اڳواڻن کي لکڻو آهي. هن چيو ته هاڻي به عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود ڪر?? سگهون ٿا، اسان هاڻي به صاف هوا ۽ سڀني لاءِ سستي ماحول دوست توانائي جي دنيا بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري تائين محدود ڪر?? ماحولياتي تبديلي جي ڊ??هي مدي واري تباهي آڻيندڙ ا??رن کان بچي سگهجي ٿو.
انسانيت فوسل فيول جي استعمال تي ڀاڙي جهنم جا دروازا کولي ڇڏيا آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : رومن دولت