اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ??ري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ??ريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ??رج??ان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن م??اثر ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان م??اثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ??رج??ان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان، فلسطيني عوام جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : کڑک